دونهين جي درگاهه

دونهين جي درگاهه: دونهين جي نقوي پيرن جو مورث اعليٰ سيد محمد شاهه هڪ سيلاني فقير عارف ۽ درويش ٿي گذريو آهي. ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ هيءُ درويش سير سفر دوران ملتان مان ٿيندو سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي آيو، جتي ڪجهه عرصو رياضت ڪري مدئجي ضلعي شڪارپور جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو، اتي ڪجهه وقت حڪومت ڪري، هي رياست خيرپور جي هڪ ڳوٺ ميان خان ۾ اچي رهيو، جتي وفات ڪيائين. کيس شيخ طيب جي مقام ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. انهيءَ سفر دوران سندس فرزند سيد موٽڻ ساهه به ساڻس گڏ هو، جيڪو پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ’تارڪ طريل‘ ۾ اچي رهيو، جتيسيد‘ جي بدران ’آهيڙي‘ سڏايائين. هو هڪ وڏو صاحبِ ڪرامت هو. تنهنڪري سندس اصل ذات لڪي نه سگھي. ماڻهن جي رجوعات ڏسي هي سيد اتان هجرت ڪري ٻٻرلوءِ شهر جي ڀرسان ڳوٺ ميرانپور ۾ اچي ’دونهين‘ دُکائي ويهي رهيو. ان ڳوٺ ۾ ڦُليا ذات جا ڪجهه زميندار رهندا هئا، جن سيد موٽڻ شاهه کي ستائڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري ڦلين کي پاراتو ڏنائين ته:
کريا کوهه ڦلين جا، ولهيون ٿيون وايون،
جيڪي جھنگ ڇڙي ويون، سي نه آيون،
انهن جون مايون، پيون جنڊ ڪڍنديون.
روايت آهي ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڦلين جا کوهه ڦٽي ويا ۽ هو هڪ هڪ ٿي اتان لڏي ويا، ڳوٺ جا باقي ماڻهو شاهه صاحب جا معتقد بڻجي ويا، ان ڏينهن کان ئي ميرانپور تي ’موٽڻ شاهه جي دونهين‘ جو نالو پئجي ويو. سيد موٽڻ شاهه جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ ابراهيم شاهه ’دونهين جي درگاهه‘ جو سجاده نشين ٿيو، جيڪو به پنهنجي وقت جو وڏو ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ وارو سندس گھاٽو دوست هو. سيد ابراهيم شاهه کي سيد مهر علي شاهه، سيد پير شاهه، سيد مقصود علي شاهه ۽ سيد حيدر علي شاهه نالي چار فرزند هئا، جن مان سڀني کان ننڍو فرزند سيد حيدر علي شاهه درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. ان کانپوءِ سندس فرزند سيد عابدين شاهه گادي نشين ٿيو. جنهن بعد سندس فرزند سيد لشڪر علي شاهه درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. ان کانپوءِ سندس پٽ خاڪي شاهه (اول) گاديءَ تي ويٺو، اهي سمورا سادات پنهنجي دؤر جا عالم، فاضل ۽ صاحبِ ڪرامت ٿي گذريا آهن.
سيد خاڪي شاهه (اول) جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سيد الله بخش شاهه درگاهه جي مسند سنڀالي، سيد الله بخش شاهه کي سيد جعفر علي شاهه ۽ سيد انور علي شاهه نالي ٻه فرزند ٿيا، جن مان سيد انور علي شاهه درگاهه جو گادي نشين ٿيو، جنهن کي سيد فقير علي شاهه ۽ سيد صادق علي شاهه نالي ٻه فرزند هئا، جيڪي پڻ چڱا درويش هئا، جن مان سيد فقير علي شاهه دونهين جي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. سيد فقير علي شاهه کي سيد خاڪي شاهه (ثاني) ۽ سيدعلڻ شاهه نالي ٻه نينگر هئا. سيد خاڪي شاهه (ثاني) سيد فقير علي شاهه کانپوءِ درگاهه جي گادي سنڀالي. سيد خاڪي شاهه (ثاني) کانپوءِ سندس فرزند سيد بخش علي شاهه درگاهه جو گادي نشين مقرر ٿيو.



لفظ دونهين جي درگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو